صوبدار خان جمالي ۽ ڀائي خان جمالي جو مقبرو

صوبدار خان جمالي ۽ ڀائي خان جمالي جو مقبرو: جمالي بلوچ قبيلي جا سردار ۽ ڪلهوڙا دور جي ٻنهي منتظمين جا مقبرا، ڳوٺ امام بخش جمالي، ضلعي شهدادڪوٽ ۾ هڪٻئي جي آسپاس واقع آهن. هي ٻئي مقبرا روايتي سنڌي تعمير جو نمونو آهن ۽ معمولي فرق سان لڳ ڀڳ هڪجهڙائي تعمير ڪيل ٿا ڏسجن. مقبرا ڌار ڌار عرصي ۾ تعمير ڪيا ويا هوندا ڇاڪاڻ ته هڪ مقبري جي عمارت گهڻي ڀاڱي زبون حالي جو شڪار ٿي چڪي آهي. هي ٻئي مقبرا چورس ايراضي تي پڪ سرا تعمير ٿيل آهن. هڪ مقبري تي چن سان پوچي ڪيل آهي، مگر ڪلر سبب هيٺيون حصو تيزي سان ڀري رهيو آهي. ٻنهي جي مهاڙي ۾ هڪ وڏي نوڪدار ونگ ڏئي منجهس نوڪدار ونگ سان رواجي ماپ جو مکيه لنگهه ڏنل آهي، ڀرسان ۽ پاسي وارين ديوارن تي کسي دريون ڏنل آهن. ڇت مٿان اٺڪنڊو ڳچ ۽ مٿس گنبذ ڏنل آهي، ان کانسواءِ ٻنهي گنبذن تي پلستر يا ڪو به آرائشي چٽ نٿو ڏسجي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو